اسلام آباد – 27 – مارچ (اي پي پي) بلوچستان ۾ وفاقي ادارن جي ٽه ماهي ڪارڪردگي رپورٽ وزيراعظم کي پيش ڪئي وئي آهي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي تنبيهه ڪ??ي وئي آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلا?? ۾ ??رڪت نه ڪ??ڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب بلوچستان ۾ 17 وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي ڊيش بورڊز جو جائزو ورتو ويو، صوبي ۾ وفاقي ادارن کي 11000 کان وڌيڪ شڪايتون مليون، 90 سيڪڙو حل، عوام پاران 37 سيڪڙو اطمينان جو اظهار ??يو ويو، بلوچستان ۾ سٽيزن پورٽل تي عوامي شڪايتن جي حل ۽ وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ تيار ??ئي وئي آهي. بلوچستان جي گورنر وفاقي ادارن جي ڪارڪردگي رپورٽ موڪلي ۽ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن جي اجلاسن ۾ شرڪت نه ڪ??ڻ جي شڪايت ڪئي، بلوچستان جي گورنر جي شڪايت تي وزيراعظم ڪاوڙ جو اظهار ??يو آهي، وزيراعظم ڊيليوري يونٽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن کي خط جاري ڪيو آهي. صوبي ۾ وفاقي ادارن جي اعليٰ آفيسرن کي اجلاسن ۾ شرڪت يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي ۽ خبردار ??يو ويو آهي ته عوامي ڀلائي بابت اجلا?? ۾ ??رڪت نه ڪ??ڻ تي آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي.