اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پي ڊي ايم تحريڪ ناهي رهي، ان جي جان نڪري چڪي آهي، مخالف ڌر وٽ رڳو مايوسي، ناڪامي ۽ پشيماني باقي رهجي وئي آه??، چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جي خواهش رکندڙ عوام ج?? نظرن ۾ ڪري پيا، (ن) ليگي ??ڳواڻ بوکلاهٽ جو شڪا?? آهن. وفا??ي وزير سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته براڊ شيٽ معاملي اين آر او جي سياست کي کولي ڇڏيو، اهو انهن جي لاءِ پاناما 2 ثابت ٿيندو.