اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نوجوان نسل کي منشيات کان بچائڻ جي لاءِ ان لعنت جو خاتمو اولين ترجيح هجڻ گهرجي، ان سلسلي ۾ شعور پيدا ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي. هو منشيات جي استعمال جي روڪٿام ۽ ذهني صحت بابت اجلاس جي صدارت ڪري ??هي?? هو. اجلاس ۾ پرڏيهي معاملن واري پارلياماني سيڪريٽري عندليب عباس، قومي اسيمبلي ميمبر ساجده ذوالفقار خان ۽ فلاحي تنظيمن ج?? ميمبرن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ پاڪستان ۾ منشيات جي ڦهلاءُ جي صورتحال ۽ ان سان نوجوانن خاص طور تي ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ج?? شاگردن ج?? جسماني ۽ ذهني صحت کي لاڳو خطرن بابت بريفنگ ڏني وئي. صدر منشيات جي استعمال جي روڪٿام لاءِ رضاڪارن، استادن?? والدين ۽ لاڳاپيل ٻين حصيدارن ج?? مدد سان بنيادي فريم ورڪ تيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.