اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) اليڪشن ڪميش?? چونڊن کي پُرامن رٿڻ ۽ فول پروف سيڪيورٽي لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ پاڪستاني فوج جي م??رريءَ لاءِ 19 نڪاتي ضابطه اخلاق جاري ڪري ڇڏيو. پاڪستاني فوج صرف نشاندهي ٿيل حساس پولنگ اسٽيشنن ٻاهران مقرر هوندي. سول آرمڊ فورسز بيلٽ پيپرز جي ڇپائي دوران پرنٽنگ پريس جي حفاظت تي م??رر هوندي. چونڊ سامان جي آر اوز جي آفيسن کان پولنگ اسٽيشنن تائين رسائي، ڳڻتي ۽ چونڊ عم?? مڪمل ٿيڻ کان پوءِ چونڊ سامان جي واپسي آر اوز جي آفيس تائين واپسي تائين سيڪيورٽي م??يا ڪندي. اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطه اخلاق مطابق هٿياربند فوج پاڪستان آئين جي آرٽيڪل 245 ۽ پنهنجي م??نڊيٽ جي حدن تحت پنهنجون ذميداريون ادا ڪن??ي اليڪشن ڪميشن جي عام چونڊن جي رٿڻ ۾ ووٽرن کي محفوظ ماحول جي فراهمي، ووٽرن جي حفاظت سان پولنگ اسٽيشنن تائين پهچڻ ۾ معاونت ڪندي. محفوظ ماحول کي يقيني بڻائڻ لاءِ پوليس پهرين درجي جي ذميداري، جڏهن ته سول آرمڊ فورسز ٻئين ۽ پاڪستاني فوج ٽئين درجي جي ذميدار هوندي. آئين جي آرٽيڪل 220، 245 ۽ دهشتگردي ٽوڙ ايڪٽ جي سيڪشن 4 ۽ 5 ۽ چونڊ قانون 2017ع جي شق 193 ۽ سيڪشن 5 تحت پنهنجا فرض سرانجام ڏيندا. هر آفيسر ۽ جي سي او اليڪشن ڪميشن جي جاري ڪيل نوٽيفڪيشن تحت پنهنجن اختيارن کي وقت سر استعمال ڪن??و. ڊسٽرڪٽ رٽرننگ آفيسرز، رٽرننگ آفيسرز، پرزائيڊنگ آفيسرز ۽ پولنگ عم??ي کي پنهنجا فرض سٺن اخلاقن سان سرانجام ڏيڻ لاءِ سول آرمڊ فورسز ۽ هٿياربند فوج محفوظ ماحول فراهم ڪرڻ لاءِ سهڪار ڪندي. چونڊ ضابطه اخلاق مطابق چونڊ عم?? ۽ خاص طور تي ووٽنگ جي عم?? دوران غير جانبدار رهندا ۽ ڪنهن به سياسي پارٽي يا اميدوار جي حق يا مخالفت ۾ ڪم نه ڪن??ا. غير قانوني صورتحال کي قانون مطابق ڏسندا. شڪي ووٽرز جي نشاندهي ڪن??ا ته جيئن پوليس جا اهلڪار اهڙن ووٽرن جي پولنگ اسٽيشن جي حدن ۾ داخلا کان پهرين ان جي جامع تلاشي وٺن، ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويندو ته ڪوبه شخص پاڻ سان هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا منع ٿيل شيءِ پولنگ اسٽيشن جي اندر نه کڻي وڃي سگهي. نشاندهي ڪيل حساس پولنگ اسٽيشن ٻاهران خدمتون سرانجام ڏيندي خاص طور تي پُرامن ماحول کي برقرار رکڻ تي ڌيان ڏيندا. پولنگ اسٽيشن ٻاهران ڪنهن به بي ضابطگي، بد انتظامي جنهن سبب امن امان جي صورتحال خراب هئڻ جو خدشو هجي، جو اطلاع پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پنهنجي اعليٰ آفيسرن کي ڏيندا ۽ جاري ڪيل هدايتن مطابق عم?? ڪن??ا. جيڪڏهن پرزائيڊنگ آفيسر ڪنهن مبينه بي ضابطگي يا بد انتظامي ڪن??ڙ کي روڪڻ لاءِ ڪم نٿو ڪري ته سيڪيورٽي عم??و فوري طور تي ان معاملي کي لاڳاپيل آر او جي نوٽيس ۾ آڻي. سمورن لاڳاپيل قانونن تي عم?? ۽ چونڊ عم?? دوران امن امان ۽ محفوظ ماحول جي فراهمي کي يقيني بڻائيندا. بااختيار مبصر ۽ ميڊيا جي ماڻهن کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي. ڪنهن به اهل ووٽر کي پولنگ اسٽيشن ۾ داخل ٿيڻ کان نٿو روڪي سگهجي جڏهن ته هٿيار يا ڌماڪيدار مادو يا اهڙن ماڻهن کي جيڪي م??ڪي م??اد يا سلامتي خلاف ڪا حرڪت ڪن??ي ڏٺا وڃن انهن کي روڪڻ جي اجازت هوندي. بيلٽ پيپرز، ووٽر لسٽ، بيلٽ باڪس، فارم 45 ۽ 46 سميت ڪوبه چونڊ مواد پنهنجي قبضي ۾ نٿا وٺي سگهن. ڪنهن به اميدوار، چونڊ ايجنٽ، پولنگ ايجنٽ، مبصر يا ميڊيا جي نمائندن سان ڪنهن به طرح جي بحث يا جهيڙي کان پاسو ڪن??ا. پرزائيڊنگ آفيسر، اسسٽنٽ پرزائيڊنگ آفيسر يا پولنگ آفيسر جي ڪم ۾ ڪنهن به طرح جي مداخلت نه ڪن??ا، پولنگ اسٽيشن ٻاهر ڪنه?? چونڊ بي قاعدگي جي الزام جو پاڻ جواب ڏيڻ بجاءِ ان معاملي کي پرزائيڊنگ آفيسر جي ڄاڻ ۾ آڻڻ گهرجي ۽ ان کان ضروري هدايتون وٺجن، جيڪڏهن پولنگ اسٽيشن تي اهو سلسلو جاري رهي ٿو ته پنهنجي آفيسر کي فوري آگاهه ڪن ته جيئن فورن قانوني ڪارروائي عم?? ۾ آڻي سگهجي. ڳڻپ جي عم?? ۾ ڪنهن به طرح جي مداخلت نه ڪئي ويندي پر ڳڻپ جي عم?? کي مڪمل ڪرڻ لاءِ پولنگ اسٽيشن ٻاهر پنهنجي ڊيوٽي چڱيءَ ريت انجام ڏيندا ته جيئن ڳڻپ جو عم?? پُرامن طريقي سان مڪمل ٿئي.