اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران ??زي??اعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار قرار ڏيندي چيو آهي ته دوست ملڪن سان پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي اربين ڊالر جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن، ڪنهن سياسي پارٽي تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، اربين رپي?? جي بجلي چوري سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي، آءِ ايم ايف سان قسط جو معاملو جلد حل ٿي ويندو. نجي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي نگران ??زي??اعظم چيو ته ملڪ کي يقينن دهشتگردي جا خطرا آهن، حڪومت دهشتگردي جي ان چئلينج کي منهن ڏيندي، دهشتگردي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آندا پيا وڃن، ڪجهه سياسي پارٽين جو ملڪ ۾ دهشتگردي جي واقع?? جي حوالي سان موقف صحيح آهي. هن چيو ته چونڊن ۾ فوج مقرر ڪرڻ جو معاملو آيو ته لاڳاپيل ادار?? جي راءِ کانپوءِ فيصلو ڪنداسين. هن چيو ته منظم غيررياستي گروپ سرگرم آهن، پوليس کي تربيت ۽ وسيلن ??هڙ?? مسئلا درپيش آهن، پوليس خاص طور تي خيبرپختونخواهه پوليس دهشتگردي جي خلاف ڀرپور حصو ورتو آهي. پاڪ فوج جي مدد سان ان خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ تيار آهيون، چونڊن ۾ سيڪيورٽي صورتحال جي ڏس ۾ پوليس يا فوج مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين، نگران حڪومت اچڻ کان اڳ سمورن سياسي اڳواڻن سان ملاقاتون ٿينديون رهيون، پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو پنهنجي هن عهدي کان جدا ٿيڻ کانپوءِ ڪندس. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارا قانون موجب گرفتاريون ڪن ٿا ۽ پوءِ قانون موجب ڪارروائي ٿئي ٿي، پي ٽي آئي جا جيڪي ماڻهو 9 مئي جي واقعن ۾ ملوث نه آهن انهن تي سياسي سرگرمين ۽ چونڊن ۾ حصو وٺڻ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪوشش ڪنداسين ته ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي. نگران ??زي??اعظم چيو ته نگران حڪومت روزا??ي جا ضروري معاملا اڪلائي رهي آهي، نيڪ نيتي سان ڪم ڪريو ته مزاحمت کي منهن نٿو ڏيڻو پوي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ملڪ کي ٽيڪس او??اڙ??ن سميت گورننس جا چئلينجز درپيش آهن، ماڻهن کي صحت، تعليم ۽ روزگار جي موقعن سان گڏوگڏ اندروني ۽ ٻاهرئين سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي، ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميواري آهي، ايف بي آر ۾ سڌارن تي غور جاري آهي، بجلي چوري ۾ 900 ارب رپين کان وڌيڪ ضايع ٿين ٿا، ان سان ملڪي معيشت کي نقصان پهتو آهي. هن چيو ته ايس آءِ ايف سي جي ذريعي سيڙپڪاري ۾ ايندڙ مشڪلاتن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ملڪ جي مسئل?? جي حل لاءِ پارليامينٽ کي فيصلو ڪرڻو هوندو آهي، ايس آءِ ايف سي ملڪ جي پارليامينٽ جو فيصلو آهي، دوست ملڪن سان اربين ڊالر سيڙپڪاري جي مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن، اميد آهي وڌيڪ ملڪن سان سيڙپڪاري معاهدا به ٿيندا، ملڪ ۾ سيڙپڪاري هڪ طريقيڪار تحت آندي وڃي ٿي، ان سيڙپڪاري کي ملڪ ۾ آڻڻ جي لاءِ قدم شروع ڪري ڇڏيا آهن، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ماحول سازگار آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف سان قسط جو معاملو جلد حل ٿي ويندو، 18 هين ترميم ۾ صوبن کي بااختيار بڻايو ويو آهي، پارليامينٽ جيڪڏهن سمجهي ٿي ته ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻي سگهجي ٿي. هن چيو ته ڊاڪٽر عافيه صديقي سان سلوڪ افسوسناڪ آهي، ان سان اهو سلوڪ بنيادي انساني حق?? جي خلاف ورزي آهي، اميد آهي ته ان معاملي تي جلد مثبت اڳڀرائي ٿيندي. هن چيو ته غيرملڪي رهندڙن کي انه?? جي ملڪ واپس موڪلڻ جو معاملو پاڪستان جو اندروني معاملو آهي جنهن جو ٻيا ملڪ به اعتراف ڪن ٿا، پاڪستان 5 ڏهاڪن کان افغان پناهگير?? جي ميزباني ڪئي، رجسٽرڊ افغان پناهگيرن کي واپس موڪلڻ اسا?? جي پاليسي نه آهي، قانوني طريقيڪار تحت سڀ پاڪستان اچي سگهن ٿا.