اسلام آباد – 11 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڀار??ي سپريم ڪورٽ جي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت جي منسوخي کي برقرار رکڻ جي فيصلي کي سخ??ي سان رد ۽ فيصلي ??ي سخت مايوسي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڀارتي عدليه فاشسٽ هندوتوا نظريي آڏو ڪنڌ جهُڪائي ورتو آهي ۽ هو ڀارتي حڪومت جي حق ۾ فيصلا ڏئي رهي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته پاڪستان ڀار??ي سپريم ڪورٽ جو والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي خصوصي حيثيت جو خاتمو برقرار رکڻ جو فيصلو سخ??ي سان رد ڪري ٿو، اهڙي طرح جا فيصلا ڀارت جي والاريل ڪش??ير تي قبضي کي قانوني حيثيت نٿا ڏئي سگهن ڇو ته ڄمون ۽ ڪش??ير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي جيڪو 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. صدر چيو ته ڀارتي عدليه ڀارتي حڪومت جي لاءِ موزون فيصلا ڏئي رهي آهي، اهڙا فيصلا ڀارت جي والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير تي قبضي کي قانوني حيثيت نه ٿا ڏئي سگهن. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڄمون ۽ ڪش??ير جو مسئلو هڪ عالمي سطح تي مڃيل تڪرار آهي، ڄمون ۽ ڪش??ير تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي موجود آهي. صدر ڀار??ي سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي مذمت ڪندي چيو ته ڀارتي عدالتن مان مسلمانن جي خلاف فيصلا ڏيڻ جي هڪ تاريخ آهي، بابري مسجد، سمجهوتا ايڪسپريس، حيدرآباد مڪه مسجد ڌماڪي ۽ 2002ع جي گجرات وڳوڙن دوران نرودوگام قل عام جا فيصلا ان جو مثال آهن. صدر چيو ته ڀار??ي سپريم ڪورٽ جو فيصلو غيرقانوني ڀارتي قبض?? هيٺ ڄمون ۽ ڪش??ير جي حيثيت نه ٿو بدلائي سگهي، اهو فيصلو والاريل ڄمون ۽ ڪش??ير جي ماڻهن جي ڀارتي غيرقانوني قبضي جي خلاف منصفاڻي جدوجهد جي عزم کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. هن عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ڀارت جي ماصي ۾ ڪش??يري عوام سان ڪيل واعدن تي عملدرآمد ڪرائي. صدر چيو ته پوري پاڪستاني قوم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪش??يري ڀائرن جي خودمختياري جو حق حاصل ??رڻ تائين انهن جي اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي.