اسلام آباد – 16 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان اسرائيلي جارحيت کان متاثر غزه جي ماڻهن جي لاءِ امداد موڪلڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري ب??ان موجب غزه جي پٽيءَ ۾ انڌاڌنڌ اسرائيلي جارحيت ۽ گهيراءُ جي ڏس ۾ ڳُتيل آبادي غزه ۾ اڳ کان ئي ظلم ۽ ڏاڍ جي شڪار عوام کي انساني امداد جي فوري ضرورت آهي. بيان موجب غزه ۾ ٿيندڙ انساني الميي ج?? ڏس ۾ پاڪستان حڪومت فلسط??ني ڀائرن ۽ ڀينرن جي ڏ??ن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انساني ب??يادن تي امداد غزه روانو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت فلسط??ني هلال احمر سوسائٽي، گڏيل قومن جي لاڳ??پي?? ايجنسين، مصر حڪومت ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني مشنز سان هم آهنگي ڪري رهي آهي ته جيئن پهچ جي طريقن کي حتمي شڪل ڏئي سگهجي.