اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ??ه پاڪ??تا?? پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو، ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم چوڌري انوارالحق سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ آزاد ڪ??مير جي وزيراعظم نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ڪشميرين جي لاءِ اٿاريل آواز تي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم کي دنيا آڏو بي نقاب ڪر?? تي اسان ڪشميري توهان جا ٿورائتا آهيون. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ??ه پاڪ??تا?? پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي خودمختياري جي حق کي حاصل ڪرڻ جي جدوجهد ۾ هر طرح سان انهن سان گڏ آهي. پاڪ??تا?? پنهنجي ڪشميري ڀينرن ڀائرن جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي مدد جاري رکندو. ڪشمير جو مسئلو هند جي ورڇ جي اڌوري ايجنڊا آهي. هن چيو ته جيستائين ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي سيڪيورٽي ڪائونسل جي قراردادن تحت ڪشميرين جي خواهش موجب نه ٿو ٿئي، اسان ڪشميرين جي جدوجهد ۾ انهن سان گڏ آهيون.