اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت و??ري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي پاڪستان جي آزادي تحريڪ ۾ چوڌري رحمت علي ۽ قاضي محمد عيسيٰ جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته انهن اڳواڻن آزادي جي تحريڪ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪيو آهي، پاڪستان قائم ٿيڻ ۾ انهن جي خدمتن کي ڪڏهن به وس??ري نٿو سگهجي، اهي پاڪستان جا هيرو ۽ ملڪ جي مستقبل جي ليڊرن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهن. اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي ايم ڊي ڊاڪٽر راجا مظهر حم??د سان ملاقات دوران ڪيو. تعليم و??ري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو ته ملڪ جي روشن خيال نوجوانن جي جوڙجڪ جي لاءِ ڪتاب پڙهڻ جو ڪلچر لازمي آهي. هن نيشنل بُڪ فائونڊيشن کي حڪم ڏنو ته ڪتاب پڙهڻ جي ڪلچر کي ڦهلائڻ جي لاءِ اسلام آباد ۾ نيشنل بُڪ گالا منعقد ڪ??و وڃي. هن چيو ته سمورين ڌرين بشمول سمورين يونيورسٽيز، ڪاليجز ۽ اسڪولز کي شامل ڪ??و وڃي، ان جو مقصد ڪتابن ۽ نوجوانن جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ هجڻ گهرجي. نگران وفاقي وزير چيو ته اسان جي معاشري ۾ عدم برداشت تمام وڌيڪ آهي ۽ علم ۽ دانش کي ڦهلائي معاشري کي رواد??ري سان وڌائي سگهجي ٿو. هن چيو ته اين بي ايف ملڪ جي نوجوانن ۽ ڪتاب پڙهڻ جي وچ ۾ خال کي ختم ڪرڻ ۾ اهم ڪر??ار ادا ڪري. هن ڪتاب ميلن جي باقاعدگي سان منعقد ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪيو. نگران وفاقي وزير کي ٻڌا??و ويو ته ٽن ڏينهن وارو گالا آڪٽوبر جي آخري هفتي ۾ منعقد ڪيو پ??و وڃي ۽ ان تقريب جي افتتاح جي لاءِ نگران وزيراعظم کي گهرا??و ويندو.