اسلام آباد – 20 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي شهيدن ۽ سندن خ??ند??نن جي حب الوطني جي جذبي ۽ ايثار کي سلام پيش ڪندي قوم پاران شهيدن ۽ انهن جي خ??ند??نن کي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ون?? پاران جاري بيان موجب ص??ر اهڙن خيالن جو اظهار 12 جولاءِ تي زوب ڪينٽ بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي ۾ شهيد ٿيندڙن جي گهرڀاتين سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻو??هه ڪئي. هن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ انهن جي ملڪ جي لاءِ خدمتن کي ساراهيو. صدر حوالدار محمد عثمان، صوبيدار سڪندر ۽ نائب صوبيدار مصطفيٰ جي پونئيرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ڊاڪٽر عارف علوي لانس نائيڪ گ?? حميد ۽ نائيڪ جاويد شهزاد جي گهرڀاتين سان به ٽيليفون تي ڳالهه ٻو??هه ڪئي. صدر سپاهي محمد يوسف، فهيم ۽ مقصود جي وارثن سان به ٽيليفون تي افسوس جو اظهار ڪيو. صدر شهيدن جي فرض سان لگن ۽ وطن جي لاءِ قربانين جو پڻ اعتراف ڪيو. هن شهيدن جي بلند درجن جي لاءِ ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جي دعا ڪئي.