اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) يوڪرين جو پرڏيهي وزير دمت??و ڪوليبا 20 کان 21 جولاءِ تائين پاڪستان جو دو??و ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري ۾ هو اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب پاڪستان يوڪرين جي وچ ۾ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري، زراعت ۽ ا??لي?? ت??لي?? جي شعبن ۾ ويجها ۽ خوشگوار لاڳاپا آهن. يوڪرين جي پرڏيهي وزير جو دورو 1993ع ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ کانپوءِ پهريون وزارتي دورو ??هي. اميد آهي ته ان سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ مدد ملندي.