اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ??اڪ??ر عارف عل??ي چيو آهي ته پاڪستان کي ??ضبوط بڻائڻ منهنجي ذميداري آهي، مخالف ڌر جي تحريڪ مان ڪنهن کي خطرو نه آهي،نواز شريف قومي ادارن تي تنقيد نه ڪري، پر ملڪ واپس اچي پنهنجي خلاف ڪيسن کي ??نهن ڏي، حڪومت ڪورونا وائرس کي ??نهن ڏيڻ لاءِ بهتر حڪمت عملي اختيار ڪئي، ڪراچي پيڪيج سان صورتحال بهتر ٿيندي، نجي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته جمهوريت ۾ ت??ريڪ هلندي رهندي آهي جنهن کي اڪثر ميڊيا وڌائي ڪري پيش ڪندي آهي، هن چيو ته مون کي ??ورو اعتماد آهي ته موجوده حڪومت پنهنجي آئيني مدت پوري ڪندي، صدر چيو ته مخالف ڌر اڳواڻ جي ادارن تي تنقيد افسوسناڪ آهي، اسان کي ??نهنجي ادارن جو تحفظ ڪرڻ گهرجي، صدر چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ملڪ جي بهتري لاءِ پاڻ ۾ ت??اون ڪن، هن چيو ته پاڪستان جي حقيقي اشو ڪرپشن کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن، احتساب ٿي رهيو آهي، عدليه ڪرپشن جو مقابلو ڪرڻ ۾ مصروف آهي، آئون بنا فرق جي احتساب تي يقين رکا?? ٿو، هن چيو ته آئون حڪومتي ڪارڪردگي مان مطئمن آهيان، صدر چيو ته حڪومت ڪورونا وبا کي ??نهن ڏيڻ لاءِ جيڪي ڪوششون ڪيون اهي واکاڻ جوڳيون آهن.