اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز پوري قوم کي عيدالاضحيٰ جي موقعي تي مبارڪباد پيش ڪندي اپ??ل ڪئي آهي ته عيدالاضحيٰ دوران ڪورونا وائرس جي عدم ڦهلاءُ جي ايس او پيز تي عملدرآمد يقيني بڻائي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عيد جون ڀرپور خوشيون ملهايو پر خدارا پنهنجي ۽ ٻي?? جي ڀلائي خاطر حفاظتي تدبيرن (ايس او پيز) تي عمل ڪرڻ هرگز نه وساريو.