اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو ??هي ته ڪورونا وائرس جي وبا جي ڪري معيشت کي استحڪام ڏيڻ ۽ ترق?? جي راهه تي ملڪ کي گامزن ڪرڻ جون ڪوششون متاثر ٿيون آهن، حڪومت انهن شعبن کي فروغ ڏيڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي جن سان معاشي عمل کي فروغ ملي ۽ روزگار جا موقعا پيدا ٿين، غيرترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ سڌارن جي عمل کي تيز ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. ناڻي وا??ي صلاحڪار جي قيادت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم وزيراعظم کي ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي اوڳاڙين، خرچن ۽ ان حوالي سان زميني حقيقتن کي سامهون رکندي حڪومت جي ترجيحن کي عملي جامعو پارائڻ جي حوالي سان حڪمت عملي تي بريفنگ ڏني.