 
          اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مناسب لفظن جي چونڊ سان موثر ميڊيا تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪا به خبر اڳتي وڌائڻ کان اڳ لازمي طور تي ان جي تصديق ڪرڻ گهرجي، ڪوڙي ۽ جعلي خبرن جي پٺيان سدائين هڪ ڳجهي ايجنڊا هوندي آهي جنهن جو مقصد قومن جي وچ ۾ ۽ معاشرن جي اندر تڪرارن کي هوا ڏيڻ هوندو آهي، اسان کي سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ محتاط استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عوامي سطح تي آ??اه?? پيدا ڪرڻي پوندي، دنيا ۾ اخلاقيات بدران واپار انصاف جو نئو?? پئمانو بڻجي چڪو آهي. اهڙن خ??ال?? جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر ۾ تڪرارن ۽ ميڊيا جي ڪردار جي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.