اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ جي چونڊن لاءِ سياستدانن ج?? منڊيءَ لڳل آ??ي، 30 سالن کان سينيٽ اليڪشن ۾ ووٽ وڪرو ٿين ٿا، بلوچستان ۾ سينيٽ جي هڪ سيٽ جو اگهه 50 کان 70 ڪروڙ روپيا آ??ي، پنج سال اڳ مون ک?? سينيٽ چونڊن ۾ پئسي جي آفر ٿي، پئسو لڳائ?? سينيٽر بڻجندڙ پئسو ئي ٺاهيندو، ماضي ۾ اوپن بيلٽ جو مطالبو ڪندڙ اڄ پنهنجي مطالبي کان ڇو پٺتي هٽي ويا آ??ن، ڳجهي ووٽنگ ۾ حڪومت کي مخالف ڌر کان وڌيڪ سيٽون ملي سگهن ٿيون، سينيٽ اليڪشن ج??ڪڏهن اوپن بيلٽ سان نه ٿي ته مخالف ڌر وارا روئندا، پي ڊي ايم چوري بچائڻ لاءِ يونين بڻيل آ??ي، روانگي واپار وڌڻ سان روپيو مضبوط ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ٿيندي. اهڙن خيالن ج?? اظهار ڪلر سيدان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان چيو ته سوال ته اهو آهي ڇا هت?? سياستدانن ج?? ضمير جو سودو ٿئي ٿو يا نه، رشوتون ڏئي ضمير خريد ڪيو وڃي ٿو، ايم پي ايز ۽ سينيٽرز ملڪ جي قيادت آهن، رشوت ڏئ?? سينيٽر بڻجڻ ۽ ايم پي ايز جي ضمير وڪرو ڪرڻ جو سلسلو 30 سالن کان هلي رهيو آهي ۽ سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته ان ۾ سياسي قيادت کي به پئسو ملي ٿو. وزيراعظم چيو ته مون کي پاڻ پنج سال اڳ سينيٽ جي چونڊن ۾ پئسي جي آفر ٿي هئي جڏهن سياسي قيادت کي خبر آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ پئسو هلي ٿو ته انهن ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڇو نه ڪئي. ڇو ته اهي پاڻ پئسو ٺاهين ٿا ان لاءِ انهن ان سلسلي ?? ڪجهه نه ڪيو، اها جمهوريت جي نفي آ??ي، جمهوريت ۾ اهو ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته پئسو لڳائي ڪو سينيٽر بڻجي وڃي، جيڪو پئسو لڳائ?? سينيٽر بڻجندو اهو پئسو ئي
ٺاهيندو.