اسلام آباد – 09 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وزيراعظم عمران ??ان ۽ پوري قوم مچ سانحي ??ي دل ڌوڏيندڙ واقعي تي ڏکويل آهي، وزيراعظم عمران ??ان سانحي جي پونئيرن سان ڏک جو اظهار ڪندي هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان آگاهه ڪيو، ملڪ دشمن قوتون پاڪستان ۾ بي يقيني، مايوسي ۽ خوف پکيڙڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، جڏهن ته حڪومت لاڳاپيل قومي سلامتي جي ادارن سان گڏجي شرپسند عنصرن جو پيڇو ڪندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙا واقعا نه ٿي سگهن. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران ??ان جو ڪوئيٽا جو دورو اهم هو، هن مچ سانحي جي متاثرين سان همد??دي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي لاءِ مغفرت ??ي دعا ڪئي، وزيراعظم عمران ??ان هزاره برادري کي ملڪ کي درپيش سيڪيورٽي چئلينجز کان به آگاهه ڪيو ۽ انهن کي ٻڌايو ته سانحي ۾ پرڏيهي عنصر ملوث آهن جڏهن ته هن مشڪل وقت ۾ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن کي يق??ن ڏياريو ته حڪومت انهن جا سمورا مطالبا پورا ڪندي.