اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشر??ات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا جي ٻي لهر شدت اختيار ڪري چ??ي آهي، پازيٽو ڪيسن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي پهرين لهر ۾ عوام جي زندگين ۽ روزگار کي مٿانهون رکندي ڪامياب حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن کي دنيا ساراهيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته حڪومت ٻي لهر مان نڪرڻ لا??ِ وڌيڪ موثر قدم کڻي رهي آهي.