اسلام آباد ??? 17 سيپٽمبر (اي پي پي) سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي بابت خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته احساس اي??رجنسي ڪيش ادائيگي جي آخري 15 ڏينهن بايوميٽرڪ تصديق ۾ ناڪامي کي منهن ڏيندڙ صارفين جي سهولت لاءِ نئون ويب پورٽل کوليو ويو آهي، پنهنجي وڊيو بيان ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته اهي صارفين احساس ويب پورٽل جي لنڪ http://complaints.pass.gov.pk/ کي وزٽ ڪري سگهن ٿا، احساس اي??رجنسي ڪيش تحت ريگولر ادائيگيون 15 سيپٽمبر 2020ع تي بند ٿي چ??يون آهن، اهي اصل صارف جنهن جي آڱرين جي نشانن جي تصديق جا م??ئلا آهن انهن کي ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون، اهي مستحق خاندان جنهن ۾ امدادي رقم جا اهل ماڻهو فوت ٿي چ??ا آهن، انهن کي به ڪيش ادائيگيون 30 سيپٽمبر 2020ع تائين جاري رهنديون.