اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ادارن ڪورونا وبا جي باوجود پا??ستان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي، لاهور ۾ نئين شهر جي تعمير جي منصوبي سان سيڙپڪاري جي راهه هموار ٿيندي. پنهنجي ٽوئيٽس ۾ هن چيو ته ملڪ تي جان ڏيندڙ عظيم فرزند ميجر طفيل شهيد نشان ح??در جي ورسيءَ تي قوم کيس زبردست خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. پا?? فوج جي جوانن جرئت ۽ بهادري جا روشن مثال قائم ڪيا. پوري قوم قابل فخر شهيدن کي س??ام پيش ڪري ٿي. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته راوي ريور منصوبو نئين پا??ستان ۾ نئين لاهور جو بنياد آهي جنهن سان سيڙپڪاري جي راهه هموار ۽ عوام کي روزگار جا وسيع موقعا ملندا. وڻڪاري، ڍنڍ ۽ پا??ي صاف ڪرڻ جي پلانٽس جا منصوبا لاهور کي خوبصورت ۽ ماحول دوست بڻائيندا. هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات ۽ نشريات ??اري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عالمي ادارن ڪوورنا وبا جي باوجود اسان جي معاشي انتظام جو اعتراف ڪيو آهي جيڪا شاندار ڪاميابي آهي. موڊيز پا??ستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ سان آئوٽ لڪ مثبت قرار ڏني آهي.