اسلام آباد – 06 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي ن??جوانن جي معامل واري خاص معاون عثمان ڊار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز سان مل??قات ڪئي آهي. مل??قات دوران 9 آگسٽ کي ٽائيگر فورس ڊي طور ملهائڻ جي حوالي سان تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم يوٿ پروگرام پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سيني??ر شبلي فراز چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي. وبائي صورتحال ۾ بنا ڪنهن معاوضي جي خدمتن تي رضاڪار?? کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ٽائيگر فورس هڪ ڀيرو ٻيهر عملي طور تي ثابت ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جو ويزن بي مثال آهي. وزيراعظم جي خاص معاون عثمان ڊار چيو ته ٽائيگر فورس جي رضاڪارن ڪورونا وبا دوران خدمت خلق جي جذبي سان مثالي ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي 9 آگسٽ جي ڏينه?? کي ٽائيگر فورس جي رضاڪار?? کي خراج تحسين پيش ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته 9 آگسٽ کي پاڪستان جي تاريخ جي هڪ ڏينهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻوٽا هڻي انهن رضاڪارن جي خدمت?? کي ساراهيو ويندو.