اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڀارتي حڪ??مت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪري تڪراري علائقي کي هڪ کليل جيل ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان جي م??يش?? کي پڻ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. الجزيره کي هڪ خصوصي انٽرويو ۾ وزيراعظم چيو ته هڪ سال ۾ ڀ??رت ڪشمير کي مڪمل بند ۽ ان جي م??يش?? ??ي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته ڀ??رت غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 8 لک فوجين سان گڏ ڪشميري عوام کي گهيري رکيو آهي، ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پنهنجي ملڪ جي سيڪيولر تشخص کي بگاڙڻ جو ذميوار آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀ??رت آر ايس ايس جي انتهاپسنداڻي نظريي جي ڏاڍ هيٺ آهي، اڄ ڀ??رت جي مسلمانن کي اهڙيون ئي حالتون درپيش آهن جيڪي نازي جرمني ۾ يهودين کي درپيش هيون. هن چيو ته پاڪستان ڀ??رت سان تڪرار جي حل لاءِ سمورا ممڪن پرامن رستا استعمال ۾ آندا آهن. سعودي عرب ۽ ايران جي وچ ۾ ثالث جي ڪردار جي حوالي سان وزيراعظم چيو ته پاڪستان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ ۽ خطي ۾ ڇڪتاڻ کي روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.