اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پارليامينٽ جي ميمبرن کي آگاهي مهم ۾ وڌي چ??هي حصو وٺڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هو پنهنجي پنهنجي تڪن ۾ عوام کي ايس او پيز جو خيال رکڻ ۽ حفاظتي تبدبيرن کي اختيار ڪرڻ جي ترغيب ڏين، احساس ذميداري ۽ سماجي سطح تي سنجيده طرز عمل جي ذريعي وبا مان ڇوٽڪارو ممڪن آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان تح??يڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ??يو.