اسلام آباد – 12 اپريل (??ي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر 21 – 2020ع جي بجيٽ پ??ش ڪرڻ بابت پارلياماني اڳواڻن سان مشاو??ت جو فيصلو ڪيو آهي. قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر چيو ته 21 – 2020ع جي بجيٽ جون ۾ پيش ٿيڻي آهي، ڪورونا وائرس جي ڪري بجيٽ کي پيش ڪرڻ ۽ ان کي منظور ڪرڻ بابت سياسي پارٽين کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري سمجهان ٿو ڇو ته مشڪل حالتن ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۽ بجيت کي وقت سر پيش ڪرڻ پارليامينٽ جي ذميواري آهي. عالمي وبا جي ڪري عوام کي تمام گهڻيون مالي مشڪلاتون درپيش آهن.