اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه پاڪستان جي صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي عيدالاضحيٰ جي مبارڪ موقعي ??ي سڄي مسلمان قوم کي دلي مبارڪ باد پيش ڪندي دعا ڪئي آهي ته ال??ه تعاليٰ اسان سڀني ??ي قربانين کي قبول فرمائي ۽ دنياوي ۽ آخرت جي نعمتن سان نوازي، هن چيو ته عيد ا??اضحيٰ جو ڏينهن ان عظيم قرباني جي ياد تازي ڪري ٿو جنهن ۾ حضرت ابراهيم عليه السلام ال??ه تعاليٰ جي حڪم تي پنهنجي لخت جگر حضرت اسماعيل السلام کي ال??ه جي راهه ۾ قرباني لاءِ پيش ڪري ڇڏيو هو، اهو عمل رب العزت جي بارگاهه ۾ ايترو مقبول ٿيو جو ان جي ياد ملهائڻ کي مسلمانن لاءِ عبادت جو درجو ڏنو ويو، اهو ڏينهن اسان کي سبق ڏي ٿو ته ال??ه جي رضا ۽ خوشنودي لاءِ پنهنجي پيارين شين ايستائين جو اولاد کي به قربان ڪرڻو پئجي ته پاسو نه ڪيو وڃي.