اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي غربت، موسمياتي تبديلي، صحت ۽ تعليم، آبادي ۾ اضافي سميت علائقائي ۽ عالمي مسئلن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي کي اڻٽر قرار ڏيندي چيو آهي ته درپيش چئلينجن کي موثر انداز ۾ منهن ڏيڻ لاءِ جمهوريت ۽ پارليامينٽ جو ڪرد??ر انتهائي اهميت رکندڙ آهي، دولت مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن ريجن عالمي تڪرارن جي حل ۾ اهم ڪرد??ر ادا ڪري سگهي ٿي، اها ڪانفرنس خطي مان غربت جي خاتمي ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، مختلف ملڪن جي وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ عوامي خواهشن کي نظر ۾ رکيو وڃي، پاڪستان سميت سڄي خطي جو مستقبل روشن آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجين دولت مشترڪه پارلياماني ايسوسيئيشن ايشيا ريجن ڪانفرنس 2019ع کي خطاب ڪندي ڪيو.