جنيوا-11 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب چيو آھي ته ملڪ ۾ عورتن کي ب?? اختيار ۽ سرگرم شهري بڻائڻ لاءَ 50 کان وڌيڪ سڌارا آندا آھن. پرڏيھي ميڊيا موجب اھا ڳالھه س??ودي عرب جي انساني حقن واري ڪميشن جي صدر ڊاڪٽر ھالا التويجري گذريل ڏينھن جنيوا ۾ عورتن خلاف متڀيد واري سلوڪ جي خاتمي ب??بت ڪميٽي جي 89 هين اجلاس ۾ پنھنجي خط??ب دوران چئي. ڊاڪٽر ھاله چيو ته س??ودي عرب ۾ ان ??والي سان ??ن سڌارن تي عمل ڪيو ويو آھي انھن ۾ سوشل سيڪيورٽي جي قانون ۾ مرد?? ۽ ??ورتن لاءِ ريٽائرمينٽ جي حد 60 سال ڪرڻ پڻ شامل آھي. ھن چيو ته ليبر قانون ۾ به ڪجھه تبديلون ڪيون ويون آھن جن ۾ عورتن کي تحفظ ڏيڻ لاءِ اھم نڪتن جو اضافو ڪيو ويو آھي. مرد?? ۽ ??ورتن وچ ۾ اڻبرابري واري سلوڪ کي ختم ڪري ب??ابري جا حق ڏنا ويا آھن. سندس چوڻ ھو ته خادم الحرمين الشريفين شاهه سلمان ۽ ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان ??ي ھدايت تي عمل ڪندي عورتن جي حقن جي تحفظ جي حوالي سان ھاڪاري اڳڀرائي ٿي آھي ۽ ملڪ ۾ عورتن کي تحفظ فراھم ڪرڻ ۽ برابري لاءِ قانوني ترميمون ڪيون ويون آھن. جنھن سان ??ورتن کي وڌيڪ بااختيار بڻائڻ ۾ سھولت ملندي ۽ ڪنھن به قسم جي متڀيد واري سلوڪ جو خاتمو ٿيندو.