نيويارڪ-29 آگسٽ (اي پي پي) گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم دنيا کي درپيش سنگين چئلينجن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته غزه، يوڪرين، آفريقا، ڏکڻ ايشيا ۽ ڏکڻ چين جهڙن عالمي ۽ علائقائي تڪرارن ۾ واڌ عالمي امن ۽ سلامتي جي نظام کي تباهه ڪرڻ طرف واضح اشارو آهن. پاڪستاني مشن طرفان جاري پڌرائي موجب هن گذريل ڏينهن پاڪستاني مشن ۾ فل برائٽ اسڪالر پروگرام جي اسڪالرز جي هڪ گروپ سان ڳالهائيندي عالمي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ گڏيل قومن جي چارٽر ۾ داخل اصولن ۽ مقصدن تي عمل پيرا ٿيڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. پاڪستاني نمائندي خبردار ڪيو ته انهن اصولن جي مسلسل ڀڃڪڙين دنيا کي غير معمولي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته انهن تڪرارن کي حل ڪرڻ ۾ گهڻ رخي نظام جي ناڪامي عالمي تعاون جي بنيادي اصولن لاءِ وچن ورجائڻ جي ضرورت تي زور ڀري ٿي. گروپ ۾ پاڪستان سميت مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ فل برائٽ اسڪالرز مختلف آمريڪي يونيورسٽين ۾ ماسٽرز ۽ پي ايڇ ڊي جون ڊگريون حاصل ڪري رهيا آهن. منير اڪرم ڏکڻ ايشيا تي ڌيان ڏيندي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ڪشمير جي حل نه ٿيندڙ تڪرار سبب خطو هڪ جوهري فلش پوائنٽ بڻيل آهن، هن علائقائي امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ ان مسئلي جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڀريو. هن ماحولياتي تبديلي جي تباهي آڻيندڙ اثرن جهڙوڪ ٻوڏ جي تباهڪارين، سخت گرمين ۽ طوفان جي وڌندڙ خطرن تي به روشني وڌي. پاڪستاني نمائندي ڪيترن ئي اسرندڙ ملڪن ۾ وڌندڙ غربت ۽ محرومي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن انڪشاف ڪيو ته اٽڪل 150 ملين ماڻهو تازو ئي ٻيهر غربت جي چنبي ۾ وڃي چڪا آهن، هن 800 ملين کي غربت مان ڪڍڻ جي چين جي ڪاميابي جو اعتراف ڪندي ان ڳالهه جي نشاندهي ڪئي ته ٻيا اسرندڙ ملڪ عالمي سپلائي چين ۾ رنڊڪ، خوراڪ ۽ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن ۽ قرضن جي بار سبب شديد متاثر ٿيا آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اسرندڙ دنيا ۾ هن وقت 65 سيڪڙو وسيلا قرضن جي ادائيگي تي خرچ ٿين ٿا، جيڪي اهم ترقياتي ضرورتن جي قيمت تي آهن.