اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) ??زي??اعظم محمد شهباز شريف يونيورسل هيلٿ ڪوريج جي لاءِ عالمي قدمن کي ساراهيندي پاڪستان پاران انهن قدمن جو ڀرپور ساٿ ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ??زي??اعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي 2024ع تي پنهنجي پيغام ۾و زيراعظم چيو ته اسان ڪنهن شهري ج?? سماجي ۽ اقتصادي حيثيت کان هٽي ڪري سڀني ج?? لاءِ صحت جي سارسنڀال کي پهچ جوڳو ب??ائ?? کي اخلاقي طور تي پنهنجو فرض سمجهن ٿا. هن چيو ته صحت تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه اسان جي قومي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي تي ٺاهه هوندو، هي هڪ اهڙو شعبو آهي ج??هن کان مُنهن نٿو موڙي سگهجي. ??زي??اعظم چيو ته هلندڙ سال يونيورسل هيلٿ ڪوريج ڊي ج?? موضوع ”صحت: حڪومت جي ذميواري“ آهي، ان ڳالهه کي يقيني بنائڻ ته ڪنهن شخص کي پنهنجي صحت جي سارسنڀال ۽ بنيادي ضرورتن جهڙوڪ خوراڪ، رهائش يا تعليم مان ڪنهن هڪ جي چونڊ نه ڪرڻي پوي، حڪومت جي ذميواري آهي. ??زي??اعظم چيو ته ان هدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان جي حڪومت صحت سهولت پروگرام جهڙا قدم متعارف ڪرايا آهن، جنهن جي سربراهي قومي صحت واري وزارت ”صحت سڀني ج?? لاءِ“ جي عنوان سان ڪري رهي آهي. هي پروگرام جنهن کي عالمي سطح تي ڊبليو ايڇ او جهڙين تنظيمن پاران ساراهيو پيو وڃي، معاشري ج?? سڀ کان وڌيڪ ڪمزور طبقن کي ترجيح ڏيندي لکين خاندانن کي مفت صحت جي سهولت فراهم ڪري ٿو. ??زي??اعظم چيو ته حڪومت صحت جي سارسنڀال جي بنيادي ڍانچي ۾ سيڙپڪاري ڪري رهي آهي ۽ ڳوٺاڻي ۽ ڏورانهن علائقن ۾ خصوصي طور تي انتهائي ضروري زندگي بچائيندڙ دوائن تائين پهچ کي يقيني بڻائي رهي آهي. ??زي??اعظم چيو ته پاڪستان 2030ع تائين پائيدار ترقي ج?? هدفن ۾ واضح ڪيل صحت بابت هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اسان گڏيل قومن ۽ ٻين عالمي ادارن سان اهڙو فريم ورڪ تيار ۽ مضبوط ڪرڻ جي لاءِ تعاون جاري رکنداسين جيڪي صحت کي بطور بنيادي انساني حق ترجيح ڏين ٿا.