اسلام آبا?? – 09 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي قومي ڏينهن تي پاڪستاني حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏي??دي چيو آهي ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ??ان آءِ ٽ?? ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. هن چيو ته قطر جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي ٿي آ??ي، قومي ڏينهن تي حڪومت ۽ عوام پاران قطر جي امير کي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۽ قطر دوستي جي رشتي ۾ ٻڌل آهن، شيخ تميم بن حمد الثاني جي دورانديش قيادت ۾ قطر نمايان ترقي ڪئي، قطر ۾ فٽ بال ورلڊ ڪپ جو ڪامياب انعقاد ان جو بهترين مثال آهي. هن چيو ته قطر جي تازي دوري دوران دوحه ۾ نمائش جو افتتاح ڪيو، نمائش جي سرپرستي جي لاءِ پنهنجي ڀيڻ شيخه المياسه جي ڪوششن ۽ قطر جي امير جو ٿورائتو آهيان، نمائش ۾ پاڪستان جي ثقافت جا رنگ نمايان هئا. هن چيو ته قطر جو امير پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکي ٿو، قطر جي امير جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون. هن چيو ته قطر ۽ پاڪستان جا اقتصادي لاڳاپا هر گذرندڙ ڏينهن سان گڏ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان قطر ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري کي وڌائڻ جي وڏي گنجائش موجود آهي، پاڪستان ??ان آءِ ٽ?? ۽ مصنوعي ذهانت جي شعبن ۾ تربيت يافته نوجوانن کي قطر موڪلينداسين. هن چيو ته پاڪستانين جو قطر ۾ آءِ ٽ??، تعميرات ۽ فارماسيوٽيڪل سميت مختلف شعبن جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي. هن چيو ته لبناني وزيراعظم کي شام ??ان پاڪستانين جي انخلا جي لاءِ تعاون جي درخواست ڪئي آ??ي، پاڪستانين جي شام ??ان حفاظت سان انخلا يقيني بڻائينداسين. ان موقعي تي قطر جي قومي ڏينهن جي مناسبت سان ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويو.