اسلام آباد – 06 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزارت شام ۾ پاڪستاني شهرين جي لاءِ ايڊوائيزري جاري ڪندي چيو آهي ته شام جي تازي صورتحال جي ڏس ۾ پاڪستاني شهرين کي مشورو ڏنو ??ڃي ٿو ته جيستائين حالتون بهت?? نه ٿيون ٿين اهي غيرضروري سفر يا شام جي دوري ک??ن پاسو ڪن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته جيڪي ماڻهو هن وقت شام ۾ آهن انهن کي انتهائي احتياط ڪرڻ ۽ دمشق ۾ پاڪستاني سفارتخاني سان رابطي ۾ رهڻ جو مشورو ڏنو ??يو آهي. بيان موجب سفارتخاني سان موبائيل 3987127822 96+ ۽ 3990138972 96+ ۽ اي مي?? [email protected] تي رابطو ڪري سگهجي ٿو.