اسلام آباد-15 نومبر (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري ??فا??ي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ڀاڻ جي وقت سر دستيابي لاءِ حڪ??مت ۽ لاڳاپيل ادارا قدم کڻي رهيا آهن،ڀاڻ جي گهرج کي نظر ۾ رکندي ڀاڻ جي قيمتن تي نظر رکڻ جي ضرورت آهي ته جيئن آبادگارن تي مالي بار نه پوي. اهڙو اظهار هن ڪالهه فرٽيلائيزر ريويو ڪم??ٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀاڻ جي ڪا به کوٽ نه آهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج ۾ واڌ ٿي رهي آهي جنهن جي امڪاني سببن ۾ زرعي پيداوار ۾ واڌ ۽ آبادگارن طرفان زمين جي زرخيزي بهتر بڻائڻ جون ڪوششون شامل ٿي س??هن ٿيون. اجلاس ۾ ربيع جي مند لاءِ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ جي اسٽاڪ جي پوزيشن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. ڪم??ٽي ملڪ ۾ ڀاڻ جي موجوده ذخيري تي مڪمل اطمينان جو اظهار ڪيو. ??فا??ي وزير چيو ته ملڪ ۾ ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ ٻنهي جي ڪا به کوٽ ناهي، ڊي اي پي ڀاڻ جي گهرج وڌي رهي آهي ۽ ان جي کپت ۾ 44 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، راڻا تنوير حسين چيو ته پنجاب حڪ??مت جي جاري ڪيل آبادگار ڪارڊ سبب گهرج وڌي وئي آهي، آبادگارن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ ڀاڻ جو اضافي ذخيرو موجود آهي. هن جو چوڻ هو ته آبادگار ربيع جي مند ۾ ڊي اي پي جي مناسب استعمال سان واڌو پيداوار حاصل ڪندا، آبادگارن جي خوشحالي سان ملڪ ترقي ڪندو. ذخيرو ڪرڻ ۽ قيمتن ۾ ڦيرگهير خلاف صوبا سخت ڪارروائي ڪن.