راولپنڊي-05 نومبر (اي پي پي) پاڪ بحريه جي جهاز پي اين ايس ذو??لف??ار ريجنل ميري ٽائم سيڪيورٽي پيٽرول دوران جبوتي جو دؤرو ڪيو، جتي جبوتي بحريه جي عملدارن پاڪ بحريه جي جهاز جي آجيان ڪئي. آءِ ايس پي آر مطابق ڪمانڊنگ آفيسر پي اين ايس ذو??لف??ار جي ميزبان بحري عملدارن سان ملا??ات??ن ڪيون. جبوتي بحريه جي ڪمانڊر ۽ ڪوسٽ گارڊز سان پيشيوراڻي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. دؤري جي پڄاڻيءَ تي جبوتي ڪوسٽ گارڊز سان گڏيل بحري مشق منعقد ڪئي وئي. مشق جو مقصد گڏيل آپريشنز جي صلاحيت ۽ گڏيل سهڪار کي وڌيڪ بهتر بنا??ڻ هو. پاڪستان ۽ جبوتي جي سامونڊي فوج وچ ۾ ٻه طرفه رابطا ٻنهي ڀائرملڪن وچ ۾ سفارتي لاڳاپن ۾ بنيادي حيثيت رکن ٿا. جبوتي ۾ قيام دوران مختلف ملڪن جي سفيرن، دفاعي اتاشي، جبوتي جي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان مقامي ۽ پاڪس??ان?? ڪميونٽي به جهاز جو دؤرو ڪيو. ان دؤري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ملندي.