دوحه – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قطر جي خصوصي دوري دوران پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قطري قيادت سان لاڀائتن خيالن جي ڏي وٺ جو منتظر آهيان. سوشل ??يڊ??ا ايڪس تي ??نهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته قطر جي امير شيخ تميم بن حماد الثاني جي دعوت تي دورحه پهتو آهيان. ان خصوصي دوري دوران پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ قطري قيادت سان نتيجاخيز خيالن جي ڏي وٺ جو منتظر آهيان. هن چيو ته قطر ميوزيم ۾ پاڪستان جي ث??افتي ??رثي کي اجاگر ڪندڙ خصوصي نمائش جو پڻ افتتاح ڪندس.