اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي)منصوبا بندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته معذور ماڻهن لاءِ برابري وارا موقعا پيدا ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن معذور ماڻهن جي حوالي سان ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ڪانفرنس ۾ حڪومتي عهديدارن، گڏيل قومن جي نمائندن ۽ سماجي شعبي جي اهم اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي. وفاقي وزير معذور ماڻهن کي مساو?? موقعا فراهم ڪرڻ کي حڪومت جي اولين ترجيح قرار ڏنو آهي. هن چ??و ته پاڪستان جي ترقيءَ لاءِ انساني ترقي بنيادي حيثيت رکي ٿي. هن ويزن 2025ع ۽ ويزن 2010ع تحت انساني ترقي ۽ مساو?? موقعا فراهم ڪرڻ جي حڪومتي عزم کي ورجايو. احسن اقبال امن، سياسي استحڪام، پاليسين جي تسلسل ۽ مستقل سڌارن کي پائيدار ترقيءَ لاءِ اهم ٿنب قرار ڏنو. هن چ??و ته ويزن 2025ع تحت انهن ٿنڀن کي قومي حڪمت عمليءَ ۾ شامل ڪيو ويو. هن معذور شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي فراهمي ۽ تعليمي ادارن ۾ ريمپ ۽ ٻين سهولتن جي دستيابي جي منصوبي کي اجاگر ڪيو. هن وڌيڪ چ??و ته روڊز اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ وارن نور کان محروم پاڪستاني شاگر??يا??ي خنسا ماريا جهڙيون هوشيار شاگر??يا??ي ٻين معذور ماڻهن لاءِ همٿ جي علامت آهي. پروفيسر احسن اقبال گڏيل قومن جي حڪمت عملي سان هم آهنگيءَ جو ذڪر ڪندي چ??و ته حڪومت فائيو ايز فريم ورڪ تحت هر شهري کي مساو?? موقعا فراهم ڪرڻ جي عزم تي عمل پيرا آهي. هن معذوريءَ کي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽ قرار ڏيندي پاڪستاني معاشري کي اپيل ڪئي ته هر ماڻهو جي لِڪل صل??حي??ن کي تسليم ڪيو وڃي. هن معذور شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ وهيل چيئرز جي تقسيم جي حڪومتي منصوبي جو ذڪر ڪندي چ??و ته ان پروگرام معذور شاگردن کي ان قابل بڻا??و ته هو آزاداڻي طور تي لائبريرين، ڪلاس رومز ۽ ليبارٽرين تائين پهچي سگهن. ان منصوبي تحت تعليمي ادارن کي معذور شاگردن جي سهولتن لاءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي ته جيئن انهن کي تعليمي ميدان ۾ به هڪجهڙا موقعا ملي سگهن. گڏيل قومن طرفان معذور ماڻهن جي شموليت کي هٿي وٺرائڻ ۾ سهڪار تي شڪريو ادا ڪندي احسن اقبال چ??و ته حڪومت جو عزم گڏيل قومن جي حڪمت عمليءَ سان مڪمل هم آهنگ آهي. هن چ??و ته اها حڪمت عملي حڪومت جي فائيو ايز فريم ورڪ سان هڪجهڙائپ رکي ٿي، جنهن جو مقصد هر شهريءَ کي مساو?? موقعا فراهم ڪرڻ آهي. هن چ??و ته اهو اسان جو انساني، اخلاقي ۽ قومي فرض آهي ته ڪوبه شهري جسماني معذوري سبب پوئتي نه رهجي وڃي. هن ويزن 2025ع جي حوالي سان ٻُڌا??و ته مساوي ترقي نه صرف حڪومت جي ترجيح آهي پر قومي معاشي ايجنڊا جو ??ڪ اهم ٿنڀ به آهي. هن چ??و ته اسان جو مقصد هڪ مساوي ماحول فراهم ڪرڻ آهي، جتي هر شهري ملڪ جي ترقيءَ ۾ مڪمل حصو وٺي سگهي.