اسلام آباد-25 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي ته اخبارن سميت ڄاڻ جا ذريعا معلومات جي فراهمي ۽ ملڪ جي تعمير ۽ تر??ي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، هي اهي ذريعا آهن جيڪي شهرين کي مستند ۽ اعتماد جوڳي معلومات پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اربع ڏينهن اخبار پڙهڻ جي قومي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ آل پ??ڪس??ان نيوز پيپرز سوسائٽي، صحافي ۽ ميڊيا پروفيشنلز کي مبارڪون ڏيندي چيو ته درست ۽ حقي??تن تي ٻڌل خبرون معاشري ۾ سچائي، امن، استحڪام ۽ تر??ي کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. پارليامينٽ هميشه آز??د ۽ ذميواراڻي صحافت کي هٿي ڏيڻ لاءِ قانونسازي ڪئي آهي. اخبارون ڊجيٽل ميڊيا جي دور ۾ جعلي خبرن جي روڪٿام ۽ حقي??تن تي ٻڌل معلومات جي فراهمي جو هڪ اهم ذريعو آهن. هن چيو ته اخبارون سياسي شعور اجاگر ڪرڻ ۽ شهرين کي سندن بنيادي حقن کان آگاهه ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. اخباري صنعت جي تر??ي ۽ هٿي وٺرائڻ لاءِ آل پ??ڪس??ان نيوز پيپرز سوسائٽي جو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي. ملڪ جي تعمير ۽ تر??ي لاءِ ضروري آهي ته اسان سڀ پنهنجي ذميوارين کي آئين ۽ قانون موجب بهترين انداز ۾ ادا ڪريون.