اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته ف??سط??ن جي معصوم شهرين تي جهڙي طرح ظلم ڪيو پيو وڃي اهو تاريخ جو بدترين مثال آهي، اسرائيلي جارحيت جي آڏو خاموشي اختيار ڪرڻ انسانيت جي ناڪامي آهي، وڏيون وڏيون عالمي قوتون اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري رهيون آهن، انهن عالمي قوتن کي به سوچڻ گهرجي، گڏيل قومون ف??سط??ن ۽ ڪشمير جي مسئلن تي جيڪڏهن پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿو ڪرائي سگهي ته اهڙي اداري جو ڪهڙو فائدو آهي، اسلامي ملڪن وٽ تمام وڏي قوت آهي، اسلامي دنيا کي گڏجي ويهي غزه ۽ ف??سط??ن جي صورتحال تي فيصلائتا قدم کڻڻ گهرجن. ايوان صدر ۾ منعقد ف??سط??ن ۽ غزه جي صورتحال تي آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اسان هتي هڪ تمام اهم مقصد جي لاءِ گڏ ٿيا آهيون، ڇو ته دنيا ۾ هن وقت خوفناڪ ڏاڍ وارو معاملو هلي رهيو آه??، ف??سط??نين جي مٿان جنهن بيدرديءَ سان ظلم ڪيو پيو وڃي ان جو ڪو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي. هن چيو ته ف??سط??نين وٽ ڪا فوجي طاقت نه آهي، انهن جا پوري جا پورا شهر ۽ علائقا کنڊرات ۾ تبديل ٿي رهيا آهن، معصوم ٻارن کي انهن جي والدين آڏو شهيد ڪيو پيو وڃي، ايستائين جو معصوم ٻارن کي انهن جي مائرن جي جهوليءَ مان کسي شهيد ڪيو وڃي ٿو، اهڙا واقعا ڏسي ئي نه ٿا سگهجن، دنيا ان صورتحال تان اکيون بند ڪري رکيون آهن ۽ اها ان کي انساني مسئلو ئي نه ٿي سمجهي. نواز شريف جو چوڻ هو ته جهڙي طرح ف??سط??نين ج?? علائقي تي غاصباڻو قبضو ڪيو ويو، ان حوالي سان گڏيل قومن جي قراردادن تي عمل نه ٿي رهيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ جهڙي طرح ف??سط??نين جو ڪيس موثر انداز ۾ پيش ڪيو، وڏي پئماني تي ان جي خطاب تي خراج تحسين پيش ڪيو ويو. هن چيو ته ائين لڳي ٿو ته گڏيل قومن کي به پنهنجي قراردادن تي عملدرآمد ڪرائڻ جو فڪر نه آهي، ڪشمير تي قراردادن تي به اڃا تائين عملدرآمد ناهي ڪرايو ويو. هن چيو ته ف??سط??ني اڳواڻ مرحوم ياسر عرفات جڏهن پاڪستان آيو هو ته مون سان ملاقات ۾ هن چيو هو ته سمجهان ٿو ته ف??سط??نين جو رت رنگ آڻي ئي رهندو، الله سڀ ڪجهه ڏسي رهيو آهي، اهو ظلم ۽ ڏاڍ انشاءَ الله ختم ٿيندو ۽ الله مظلوم ف??سط??نين جي مدد ڪندو. هن چيو ته اسلامي ملڪن کي گڏجي ويهي ان معاملي تي فيصلائتا قدم کڻڻ گهرجن ۽ بهتر غور فڪر کانپوءِ فيصلو ڪيو وڃي، اسلامي ملڪن وٽ وڏي قوت آهي، اها قوت هاڻي استعمال نه ڪنداسين ته پوءِ ڪڏهن ڪنداسين، جيڪڏهن اسان ان حوالي سان ڪا پاليسي نه ٺاهي ته خدانخواسته ٻار، انهن جا والدين ۽ اسان جا ڀينر ڀائر اهڙي طرح شهيد ٿيندا رهندا، اسرائيل جي پٺيان تمام وڏيون وڏيون عالمي قوتون آهن، انهن کي به سوچڻ گهرجي ته اهو ظلم ۽ ڏاڍ روڪيو وڃي. هن چيو ته صدر جي خيالن سان پوري طرح متفق آهيان، اسان کي اسلامي دنيا سان رابطو ڪرڻ گهرجي، اهي نه رڳو اسان جا پر پوري پاڪستان جي عوام جون خواهشون ۽ جذبا آهن، ان معاملي تي دير نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان سدائين ف??سط??ني عوام سان گڏ بيٺل رهيو آهي ۽ انشاءَ الله بيٺل رهندو، اسرائيلي جارحيت آڏو خاموشي اختيار ڪرڻ انسانيت جي ناڪامي آهي.