نيويارڪ – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسرائيل جي وڌندڙ جارحيت جي مذمت ڪندي چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ٻه ر??استي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس جي مو??عي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته غزه ۾ تاريخ جو بدترين ظلم جاري آهي، اسرائيل جو بيروت تي فضائي حملو جنهن ۾ ??زب الله جو هڪ سينيئر ڪماندڙ شهيد ٿي ويو، اهو دنيا جي لاءِ تباهي آڻيندڙ هو، اسان اسرائيلي قدم جي مذ۾ت ڪريون ٿا ۽ عالمي سطح تي به اسرائيلي ظلمن جي مذمت ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسرائيل جو بيروت تي حملو پرامن دنيا جي لاءِ تباهي ثابت ٿيندو، وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي لاءِ فوري جنگبندي ۽ ٻه ر??استي حل کانسواءِ ڪو چارو نه آهي ۽ اسان فوري جنگبندي چاهيون ٿا.