اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پ??ڏيهي وزير سينيٽر مح??د اسحاق ڊار برطانيا جي سرڪاري دوري جي موقعي تي برطانيا ج?? نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات ڪندو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته نائب وزيراعظم مح??د اسحاق ڊار جيڪو هن وقت سرڪاري دوري تي برطانيا ۾ آهي، ب??طانيا جي پرڏيهي، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن جي سيڪريٽري ڊيوڊ ليمي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ هڪ مضبوط پاڪستان – برطانيا حصيداري، وسيع ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ، گڏيل قومن ۽ دولت مشترڪه جي ڏس ۾ پاڪستان برطانيا تعاون کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ترجمان چيو ته نائب وزيراعظم سينيٽر مح??د اسحاق ڊار ڪالهه خميس ڏينهن برطانيا ج?? نائب وزيراعظم انجيلا ريز سان ملاقات کانسواءِ برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ برطانيا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نمائندن سان پڻ ملاقات ڪندو.