اسلام آباد – 29 – آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي بيلاروس جي سرڪاري دوري تي هڪ پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي. ترجمان پريس بري??نگ ۾ چيو ته قومي اسيمبلي جي اسپيڪر منسڪ ۾ بيلاروس جي صدر اليگزينڊر لوڪاشينڪو، ايوان جي چيئرمين ايگور سرجينيڪو، بيلاوس جي ڪ??ئو??سل جي چيئرپرسن نتاليه ڪوچانووا ۽ زراعت واري وزير انٽولي لينيوچ سان ملا??ات ڪئي. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڌرين ٻطرفي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ پارلياماني مٽاسٽا ۽ عوام سان عوام جي رابطن کي ??ڌائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌريون زراعت، صنعت، تعليم ۽ ثقافت سميت مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي جاري رکنديون خاص طور تي ٻطرفي واپار کي ??ڌايو ويندو. اسپيڪر سردار اياز صادق بيلاروس جي ايوان جي چيئرمين جي دعوت تي 19 کان 22 آگسٽ تائين بيلاروس جي سرڪاري دوري تي پارلياماني وفد جي قيادت ڪئي.