اسلام آباد – 26 – آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ا??ران ۾ ڪالهه سومر ڏينهن هڪ ٻئي بس حادثي ۾ پاڪستاني زائرين جي شهيد ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم شهيد ٿيندڙن جي مغفرت ۽ انهن جي پونئيرن جي لاءِ صبر ۽ جميل جي دعا ڪئي. و??ير??عظم پاڪستا??ي سفارتخاني کي مارجي ويلن جي پونئيرن سان مڪمل تعاون جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم پاڪستا??ي سفارتخاني کي شهيد ٿيندڙن جي ميتن جي جلد کان جلد وطن واپسي جي لاءِ قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. و??ير??عظم پاڪستا??ي سفارتخاني کي زخمين جي سارسنڀال ۽ انهن کي بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. واضح رهي ته ڪالهه سومر ڏينهن ايران ۾ پاڪستاني زائرين کي کڻي ويندڙ بس هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا. پاڪستاني زائرين اربعين ۾ شرڪت جي لاءِ ايران جي رستي عراق وڃي رهيا هئا ته انهن جي بس ايران جي صوبي فارس جي شهر نيريز ۽ صوبي ڪرمان جي علائقي سرجان جي وچ ۾ مرڪزي رستي تي هڪ ٽرڪ سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽي زائرين شهيد ۽ 48 زخمي ٿيا.