اسلام آباد-11 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ پارليامينٽ هائوس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سي ڊي اي جي اليڪٽرڪ شعبي جي پنج ملازمن کي پاڻمرادو بتيون بند ڪرڻ جو فيصلو ڪرڻ تي لاڳاپيل عملدارن کي انهن جي بدلي يا معطلي جي سفارش ڪئي آهي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ مان جاري نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته 9 سيپٽمبر جي رات بتيون وسائڻ جو قدم کڻڻ تي اليڪٽريشن مظفر حسين، اليڪٽريشن ظهير عباس، جنريٽر آپريٽر ذوالفقار علي، فائر ??لا??م رضا علي ?? فائر ??لا??م ارشد کوکر کي لاڳاپيل عملدار پارليامينٽ هائوس مان بدلي يا کين مع??ل ڪرڻ جو فيصلو ڪن.