اسلام آباد- 22 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير سيد محسن نقوي جي ??دارت هيٺ رات جو دير سان امن امان جو جائزو وٺڻ بابت اعليٰ سطح جو اجلاس منعقد ٿيو. گهرو وزارت طرفان جاري بيان مطابق گهرو وزير چيو ته ڪنهن کي ريڊ زون ۾ اچڻ جي ??جا??ت نٿي ڏئي سگهجي. امن امان برقرار رکڻ اسان جي پهرين ترجيع آهي. هن چيو ته احتجاج ڪرڻ هر هڪ جو حق آهي. احتجاج مناسب هنڌ تي ٿيڻ گهرجي ۽ احتجاج سان عوام جي ??وزاني جي معاملن ۾ خلل نه پوڻ گهرجي. گهرو وزير محسن نقوي چيو ته عوام جي ??ان ۽ مال جو تحفظ پهرين ذميواري آهي، عوام جي ??ان مال لاءِ قانون جي ??ملداري کي يقيني بڻايو ويندو. سيد محسن نقوي چيو ته قانون هٿ ۾ وٺڻ وارن خلاف قانون حرڪت ۾ ايندو. اجلاس ۾ امن امان جي ??ورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.