اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊو??ئي??ري بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو، ايڊو??ئي??ري بورڊ تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته تاجڪستان کي کنڊ جي ايڪسپورٽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي ٿيندي، کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ايڪسپورٽ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. شوگر ملز ايسوسيئيشن سان ريٽيل پر??ئي?? جو ڪوبه تعلق ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شوگر ملز مالڪن طرفان ڪمند جي آبادگارن کي باقي رهتن جي ادائيگي ??لد ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ڪنٽرول ڪندي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو 28 لک ميٽرڪ ٽن اسٽاڪ موجود آهي، ملڪ ۾ هن وقت واڌو کنڊ موجود آهي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته ايف بي آر ۽ ڪين ڪ??شن??ز ملڪ ۾ کنڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي کي ٻيهر چيڪ ڪندا. ايف بي آر ۽ ڪين ڪ??شن?? شوگر ايڊو??ئي??ري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ مصالحتي رپورٽ پيش ڪندا. اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪيو ويندو.