اسلام آباد – 30 – جولائي (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ قومي خابرو اداري (اي پي پي) ۾ ڪروڙين ر??ين جي ماليت جي ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت جون درخواستون رد ڪري ڇڏيون ۽ وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) ٽن جوابدارن، ان وقت جي پراجيڪٽ ڊائ??يڪ??ر محمد غواث خان، مصور عمران (ڊپٽي ڊائ??يڪ??ر) ۽ سعد مدثر (اڳوڻي چيف ڪمپيوٽر انجنيئر) کي گرفتار ڪري ورتو. عدالت جي جسٽس طارق محمود جهانگيري جوابدارن پاران داخل گرفتاري کان اڳ ضمانت واري درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، ان موقعي تي اي پي پي جو ليگل ايڊوائيزر سينيئر قانوندان سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ عدالت ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته ايف آءِ اي پاران اسسٽنٽ ڊائ??يڪ??ر شاهد پرويز ملڪ پيش ٿيو. سردار يعقوب مستوئي ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته ماتحت عدالت جوابدارن جون ضمانتون رد ڪيون هيون ۽ جوابدار فرار ٿي ويا هئا. جوابدارن ڪرپشن جي ذريعي قومي خابرو اداري کي ڪروڙين ر??ين جو نقصان پهچايو آهي تنهن ڪري جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪيون وڃن، عدالت جوابدارن جون ضمانت جون درخواستون رد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. ايف آءِ اي ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ غواث خان، سعد مدثر ۽ مصور عمران کي گرفتار ڪري ورتو. واضح رهي ته ايف آءِ اي ٽنهي جوابدارن سميت اطلاعات واري وزارت جي سائبر ونگ جي ڊپٽي ڊائ??يڪ??ر بلال ظفر، اي پي پي جي اڳوڻي مئنيجر اڪائونٽ ارشد مجيد چوڌري، ضياءَ الله ڀٽو (ان وقت جو اي پي پي جو ڊائ??يڪ??ر ايڊمن ۽ پي اينڊ ڊي)، ميسرز تيجاري پاڪستان پرائيويٽ لميٽيڊ، ميسرز نيو هورائيزن، ميسرز آرٽيڪ سسٽم، ميسرز ميڊيا لنڪس جا عهديدار شامل آهن، جي خلاف سيڪشن r/w 5(2) 47 PCA PPC, 471, 468, 420, 34, 409 تحت ڪيس ??اخل ڪيو هو. ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ترجمان پاران جاري بيان مو??ب اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد ڪارروائي ڪندي ڪرپشن، بدعنواني، فراڊ، ڏوهاري غفلت ۽ اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ ۾ ملوث ٽن سرڪاري اهلڪارن محمد غواث، سعد مدثر ۽ مصور عمران کي گرفتار ڪري ورتو آهي. شروعاتي جاچ مو??ب جوابدارن ڪرپشن ڪندي قومي خزاني کي 124 ملين ر??ين جو نقصان پهچايو. ترجمان مو??ب جوابدار ايسوسيئيٽيڊ پريس ??ف پاڪستان جي پروڪيورمينٽ ڪميٽي جو حصو هئا. جوابدارن ملي ڀڳت، دوکيبازي ۽ اختيارن کي لتاڙيندي آرٽيڪ سسٽم نالي فرم کي 113 ملين جو ڪانٽ??يڪ?? ڏنو. ڄاڻايل فرم جو فنانشل پروپوزل مجاز اٿارٽي کان منظور نه هو، جوابدارن اي جي پي آر مان بل منظور ڪرائڻ جي پروڪيورمينٽ ڪميٽي جا پاڻ جعلي ميٽنگ منٽس ٺاهيا، ان منصوبي جي مجموعي لاڳت 786.79 ملين ر??يا هئي. ٻڌڻي دوران جوابدارن جي وڪيل عدالت آڏو پنهنجي دليلن ۾ درخواستگذارن جون ضمانتون منظور ڪرڻ جي درخواست ڪئي. جڏهن ته اي پي پي جي ليگل ايڊوائيزر محمد يعقوب مستوئي دليل ڏيندي چيو ته جوابدارن پيپرا رولز جي خلاف ورزي ڪندي قومي اداري کي ڪروڙين ر??ين جو نقصان پهچايو. اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي ته هر درخواستگذار تي مخصوص ڪردار جو الزام هنيو ويو آهي تنهن ڪري جوابدارن جي ضمانت جون درخواستون رد ڪيون وڃن. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ايف آءِ اي جي اينٽي ڪرپشن سرڪل اسلام آباد جي ڊپٽي ڊائ??يڪ??ر محمد افضل نيازي جي سربراهي ۾ ايف آءِ اي ٽيم ان بدعنواني ڪيس ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جي ذريعي ٺوس ثبوت گڏ ڪيا ۽ انتهائي محنت سان انڪوائري مڪمل ڪئي. ايف آءِ اي جي ترجمان مو??ب ڏوهارين کي گرفتار ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.