اسلام آباد – 05 – آگسٽ (اي پ?? پي) پرڏيهي آفيس چيو آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن جا 5 سال مڪمل ٿيڻ جي موقعي تي اسان ان ڳ??لهه جو ورجاءُ ڪريون ٿا ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻهن کي انهن جو جمهوري خودمختياري جو حق ڏيڻ گهرجي جنهن جو حق انهن کي گڏيل قومن ??ي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۾ ڏنو ويو آهي. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس پاران ”ڪشمير استحصال ڏهاڙي“ جي موقعي تي جاري بيان ۾ چئي وئي.