اسلام آباد – 17 – جولائي (??ي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف عاشور ڏهاڙي تي بهترين سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻائڻ تي پاڪ فوج، انتظاميا، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته عاشور ڏهاڙي کي پرامن رکڻ تي هر آفيسر ۽ اهلڪار جا ٿورائتا آهيون. وزيراعظم آفي?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف عاشور ڏهاڙي تي بهترين سيڪيورٽي انتظام يقيني بڻائڻ تي پاڪ فوج، انتظاميا، پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته الله جي فضل ۽ ڪرم سان عاشور ڏهاڙي تي ملڪي حالتون پرامن رهيون، سڄي ملڪ ۾ پوري عقيدت ۽ احترام سان مجلسون ۽ جلوس منعقد ٿيا، انتظاميا، پوليس، پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا آفيسر ۽ اهلڪار پنهنجي ڊيوٽي تي مقرر رهيا.