اسلام آباد – 05 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيپٽن ڪرنل ش??ر خان شهيد جي 25 هين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل ش??ر خان شهيد ڪارگل جي محاذ تي بي مث??ل بهادري، جرئت ۽ شجاعت جو م??اهرو ڪيو جنهن جي دشمن به تعريف ڪرڻ کانسواءِ نه رهي سگهيو. ڪيپٽن ڪرنل ش??ر خان شهيد وطن سان وفاداري، فرض شناسي ۽ وطن جي دفاع جي لاءِ ??ان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ ويڙهه جو اهڙو مث??ل قائم ڪيو جنهن کي رهندڙ دنيا تائين ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڪيپٽن ڪرنل ش??ر خان شهيد (نشان حيدر) ۽ س??دس گهرڀاتي سڄي قوم جي لاءِ قابل فخر آهن. پاڪستاني فوج جون ملڪ جي لاءِ دفاع جي خاطر لازوال قربانيون آهن. مون سميت سڄي قوم پاڪ فوج جي جوانن جي ملڪ جي حفاظت جي اڻٿڪ عزم کي سلام پيش ڪري ٿي.