آستانه – 03 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظ?? محمد شهباز شريف ڊمه ڊوله، باجوڙ ۾ ڌماڪي ۾ اڳوڻي سينيٽر هدايت الله سميت ٽن ماڻهن جي مارجڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي واقعي جي ذمي??ار?? جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي سخت کان سخت سزا ڏيارڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظ?? محمد شهباز شريف چيو ته دهشتگردي جي ان واقعي جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، دهشتگرد عنصر ملڪ جي امن امان ۽ جمهوريت جا دشمن آهن. هن چيو ته دهشتگرد پاڪستاني قوم جا حوصلا ڪمزور نه ٿا ڪري سگهن، دهشتگردي ج?? لعنت جو ملڪ مان خاتمو ڪري سک جو ساهه کڻنداسين. وزيراعظم مارجي ويلن جي مغفرت ۽ انهن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.