اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته حڪومت ملڪي روانگي واپار ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي، آٽو سيڪٽر پاڪستان ۾ مقامي سطح تي گاڏيون تيار ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن آٽو ۽ آٽو پارٽس مينوفيڪچرز جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد ۾ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽويوٽا پاڪسان علي اصغر جمالي، آٽو پارٽس صن??ت جو نمائندو عامرالله والا شامل هئا. ملاقات ۾ صن??ت واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ايف بي آر چيئرمين ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدار شر??ڪ هئا. ان موقعي تي وفد حڪومت جي ڪاروبار ۽ سيڙپڪار دوست پاليسين تي وزيراعظم خراج تحسين پيش ڪيو ۽ آٽو سيڪٽر کي درپيش مسئلن ب??بت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته آٽو سيڪٽر پاڪستان ۾ مقامي سطح تي گاڏين جي تياري ڪري، آٽو سيڪٽر پنهنجي مصنوعات جو هڪ خاطرخواهه حصو برآمد ڪري ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. آٽو سيڪٽر ڊيليشن جي پاليسي تي عملدرآمد ڪري. وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي آٽو پارٽس جي صن??ت عالمي ويليو چين جو حصو بڻجي. حڪومت ملڪي برآمدات ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي.